رومي (ڀونوچ) سمنڊ
ميڊيٽرينئن سمنڊ يا رومي سمنڊ يا ڀونچ سمنڊ (انگريزي: Mediterranean Sea) (اردو: بحیرہ روم) ھڪ سمنڊ جو نالو آهي[2] جيڪو ايٽلانٽڪ سمنڊ جو حصو آھي ۽ مڪمل خشڪي سان گھيريل ھڪ منفرد سمنڊ آھي. ان جي بيھڪ يورپ ، اناطوليه جي ڏکڻ ۽ آفريڪا جي اتر ۾ ۽ سر زمین شام جي اولھ ۾ آهي.
59 لک سال اڳ ھي سمنڊ ايٽلانٽڪ سمنڊ کان الڳ ٿي جزوي يا مڪمل طور تي سڪي ويو ھو ۽ خشڪي تي مشتمل علائقو بڻجي ۽ 6 لک سال ان حالت ۾ رھيو. 53.3 لک سال اڳ جبرالٽر واري ھنڌ زميني پليٽ جي ۾ تبديلي سبب کنڊ پئجي ويو جنھن مان ايٽلانٽڪ سمنڊ جي پاڻي اندر گھري آيو جنھن سان مھا ٻوڏ آئي جنھن ذريعي ھڪ دفعو ٻيھر اھو علائقو سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويو. ھن سمنڊ جي پکيڙ 2,500,000 چورس ڪلوميٽر (970,000 چورس ميل),[3] جيڪا ڌرتي جي سامونڊي پاڻي جو 0.7 سيڪڙو آھي. جبرالٽر وارو سامونڊي لنگھ 14 ڪلوميٽر ويڪرو آھي. ھن سمنڊ کي يورآفريڪن ميڊيٽرينئن سمنڊ يا ان جي آفريڪا واري حصي کي آفريڪن ميڊيٽرينئن سمنڊ سڏيندا آهن[4][5]. ھن سمنڊ جي سراسري اونھائي 1,500 ميٽر (4,900 فوٽ) آهي ۽ ان جو سڀ کان اونھو مقام ان جي آئونيئن سمنڊ ۾ واقع ڪئليپسو ڊيپ آھي جنھن جي اونھائي 5,267 m (17,280 ft) آهي.
ھي سمنڊ جا ليٽيٽيوڊ اتر ۾ لاڳيتو°30 ۽°46 ۽ لانگيٽيوڊ اولھ ۾ لاڳيتو °6 ۽ °36 آھن. ھن سمنڊ جي اولھ کان اوڀر جي ڊيگھ جبرالٽر واري سامونڊي لنگھ کان ترڪي جي ڏکڻ اوڀر واري اسڪندرون واري نار جي سامونڊي ڪناري تائين 4,000 ڪلوميٽر (2,500 mi) آھي. ھي سمنڊ اھم واپاري رستو رھيو آھي جتان قديم زماني جا مسافر ۽ واپاري واپار ڪندا ھئا ۽ جنھن ذريعي تھذيبن ۽ ثقافتن جي ڦھلاء پڻ ٿيندو ھو.
نالو
[سنواريو]رومي ايمپائر جي دور ۾ ھن سمنڊ تي رومين جو غلبو رھڻ ڪري عربن ان کي بحريه روم سڏڻ شروع ڪيو. ھن سمنڊ جو ميڊيٽرينئن نالو گھڻو بعد ٽين صدي عيسويءَ ۾ پيو.ان کان اڳ يوناني ان کي صرف سمنڊ سڏيندا ھيا. رومي ان کي وڏو سمنڊ يا پنھنجو سمنڊ سڏيندا هئا. ميڊيٽرينئن لفظ لاطيني ٻولي جي لفظ ميڊيٽرنيم (Mediterrāneum) مان نڪتل آهي[2] جنھن بجي معني آھي وچ واري زمين ڇو ته هن سمنڊ جي چوڌاري زمين پکڙيل آهي. تنهنڪري ان کي ڀون + وچ (ڀونوِچ) سمنڊ سڏيو وڃي ٿو.[2]
جاگرافي
[سنواريو]ھي سمنڊ کي اولھ ۾ جبرالٽر وارو سامونڊي لنگھ ان کي ايٽلانٽڪ سمنڊ سان ملائي ٿو، اوڀر ۾ داردنيل وارو سامونڊي لنگھ ۽ باسپورس وارو سامونڊي لنگھ ذريعي ڪاري سمنڊ ۽ مرمارا سمنڊ سان ملي ٿو. ڏکڻ اوڀر ۾ ان کي 163 ڪلوميٽر (101 mi) ڊگھو مصنوعي سوئيز ڪئنال ان کي ڳاڙھي سمنڊ سان ملائي ٿو[6][7]. ھن سمنڊ جي وڏن ٻيٽن ۾ قبرص، ڪريٽ، يوبيئيا، رھوڊز، ليزباس وارو ٻيٽ، ڪائياس، ڪيفلونيا، ڪورفيو، مالٽا، ساموس، اينڊروس، لمنوس، نيڪسوس، سسلي، ڪريس، ڪرڪ، پئگ ٻيٽ، ڪورڪولا، ھوار، براڪ، ابيزاسارڊينيا، ڪورسيڪا، بَيلِيئَرڪ ٻيٽَ، ميجورڪا، مينورڪا
حوالا
[سنواريو]- ↑ Pinet, Paul R. (2008). Invitation to Oceanography. جلد 30. Jones & Barlett Learning. ص. 220. ISBN 978-0-7637-5993-3.
{{cite book}}:|journal=ignored (مدد) - 1 2 3 "ڀونوچ سمنڊ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2021-03-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mediterranean Sea". Encyclopædia Britannica. 23 October 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Microsoft Word – ext_abstr_East_sea_workshop_TLM.doc" (PDF). 23 April 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Researchers predict Mediterranean Sea level rise – Headlines – Research – European Commission". Europa. 19 March 2009. 23 April 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Vella, Andrew P. (1985). "Mediterranean Malta". Hyphen 4 (5): 469–472. http://melitensiawth.com/incoming/Index/Hyphen/Hyphen.%204(1985)5/02.pdf.
- ↑ Özhan Öztürk claims that in Old Turkish ak also means "west" and that Akdeniz hence means "West Sea" and that Karadeniz (Black Sea) means "North Sea". Özhan Öztürk. Pontus: Antik Çağ'dan Günümüze Karadeniz'in Etnik ve Siyasi Tarihi Genesis Yayınları. Ankara. 2011. ص. 5–9. اصل نسخو مان 15 September 2012 تي محفوظ ڪيل.
{{cite book}}: CS1 maint: location missing publisher (ڳنڍڻو) آرڪائيو ڪيا ويا 15 September 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.